Powered By Blogger

Saturday, November 27, 2010

سنڌ جي قديم جاگرافيائي نقشي جي دريافت

سنڌ جي قديم جاگرافيائي نقشي جي دريافت
               
قاسم علي شاه

ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ هڪ نامعلوم عرب جاگرافيدان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 12ع صدي جي آخر ڌاري يا 13ع صدي جي وچ ڌاري مصر ۾ مرتب ڪيو ويو هو. هيءُ ڪتاب پراڻن ڪتابن جي  هڪ واپاري سئم فاگ کي هٿ لڳو. هن واپاري 2002ع ۾، ان ڪتاب کي 100000 هڪ لک پائونڊن ۾ بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ کي وڪڻي ڏنو ۽ جامع آڪسفورڊ، هن ڪتاب کي پنهنجي پروجيڪٽ ۾ شامل ڪري، هن ۾ ضروري واڌارا  ۽ اضافا ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ دنيا جا ٻه نقشا ۽ چند ٻيا  جاگرافي جا نقشا ۽ تصويرون ڏنيون آهن. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌوجو قديم نقشو ڏنو ويو آهي. سنڌ جو هيءُ نقشو ٿٻيٽ(تبت) کان شروع ٿئي ٿو ۽ هندي سمونڊ تائين واقع قديم تاريخي ماڳن جي واقفيت  ڏئي ٿو.
                                                                                                                                                                                                                                         هن ڪتاب جو ليکڪ هڪ نامعلوم عرب آهي، هي لکي ٿو ته مون هن سائنس جو بيان، عظيم فلسفيدانن ۽ اعليٰ ڄاڻ رکندڙ عالمن، جهڙوڪ جعفر بن محمد البلخي، محمد بن ابرهيم فرازي، خالد بن عبدالمالڪ مرُورُودي، محمد بن موسيٰ الخوارزمي، سند بن علي، حبش الله بن عبدالله، الحسن بن مصباح، بني نوبخت ۽ ٻين جي حڪايتن مطابق ڪيو آهي، مون سندن حڪايتن کي صفائي ۽ وضاحت سان پيش ڪيو آهي، شال ڌڻي سڳورو مون کي ڪامياب ڪري ۽ دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ مون کي ان ۾ سچائي ۽ مهارت ڏئي!
هن ڪتابَ ــ ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ جو ذڪر ، مون سنڌ جي تاريخ تي دسترس رکندڙ، نامور محقق ۽ اديب سائين عبدالقيوم صائب سان ڪيو. تنهن هدايت ڏني ته مذڪوره ڪتاب ۾ ڏنل قديم سنڌ جي نقشي سان لاڳاپيل گهربل ڄاڻ، جيڪا هجيم، سا لکي اچان!. سنڌ جي قديم نقشي جي جملي وضاحتون ۽ تشريحون بوڊليئن لائبريري طرفان جاري ڪيل آهن . تن کي سامهون رکي نوٽس لکيا اٿم ـ مقصد اهو هو ته 800 سو سال قديم سنڌ جي نقشي کي، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي سان اُنسُ رکندڙ فردن کي، هن قديم نقشي کان آگاه ڪيو وڃي ۽ کيس وڌيڪ اڀياس هيٺ آندو وڃي. سنڌ جي جاگرافيائي حدن جا ڄاڻون هڪ ئي راءِ سان سهمت آهن ته سنڌ جون حدون، قنوج(ڪنياڪُبجا) تائين ڦهليل هيون. تنهن زماني ۾ قنوج جو شهر ننڍي کنڊ لاءِ مکيه تجارتي ۽ واپاري مرڪز رهيو هو. هتي ڪيتريون ئي مارڪيٽون ۽ قصبا هئا . انهن ڏينهن ، عربن جي آمد وقت قنوج جو راجا راءَ هرچندر هو. هيءُ شهر اتر ۽ اتر ــ اوله هندوستان جي راڄڌاني هو . 9ع صدي ڌاري گُرجرَ ــ پَرتيهارَ گهراڻي جا فردَ هن شهر تي حاڪم هئا . کين 370 بوُداد؟ ۽ 2500 هاٿي هئا . قنوج کي محمود غزنوي 1018ع  ۾ تاراج ڪري ڇڏيو . سنڌ کان قنوج ويندڙ  شاهراه تي هيٺيان شهر آباد هئا . جهڙوڪ تطيز ، داوربور ( ديپالپور) ايروي ، دوراز ، باناشور ( ٿانيسور) سوروه ، مهروه ، بروَر ۽  قنوج کان چين ويندڙ رستو بابِ چينchina gate)) کان  ٿيندو چين جي شهر شِيان ۾ داخل ٿيندو هو. قنوج جي اتر طرف فريان ( اله آباد) بنارس ، نقذ ( پٽنا)  ۽ اڳيان  ولهاس (لهاسا ـ  تبت ) ۽ باب چين آباد هئا .
ڪتاب جي خالق جاگرافيدان نشاندهي ڪئي آهي ته ساحل هند تي ديبل ـ سندان ـ نيرون آباد هئا. ان وقت منصوره عربن جو مکيه شهر ٿي ويو هو . کيس اڳ ۾ برهمڻ آباد چوندا هئا . هن شهر کي 771ع ۾ راڄڌاني جو درجو ڏنو ويو. عباسي بادشاهت جي عرب گورنر عمر بن حفص بن ابي سوفره المُهَلبِي، عباسي خليفي المنصور جي نالي جي مناسبت سان ، هن شهر جو نالو منصوره رکي ڇڏيو . (مسعودي)
هن ماهر جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته سنڌو کي 6 ٻيون نديون هيون . هيءُ درياه جبال اڪبيت
( هماليه ٿٻيٽTibet ) مان وهي نڪري ٿو ۽ سندس منزل ساحل هند آهي . هن ملتان بابت لکيو آهي ته هيءُ شهر سون جو کلندڙ دروازو آهي،  هن شهر ۾ حجاج بن يوسف جو ڀاءُ محمد بن يوسف فاتح ٿي، داخل ٿيو هو . تنهن هتان 400 بهار سون لٽيو ۽ هڪ بهار هڪ مڻ جي برابر هو . هن نقشي ۾ نوٽنگ ڪندي تحرير ڪيو آهي ته ملتان شهر کي هڪ لک ڳوٺ هئا ، ملتان جي حدن اندر تطيز شهر جا رهواسي بت پرست هئا ۽ هن لکيو آهي ته هن شهر جو اصل نالو مولتان (مولسٿان) هو ۽ هتي يحيٰ نبي رهيو هو ، هتان هندوستان جي پهرين حد شروع ٿئي ٿي . هي شهر مسلم سنڌ جو مکيه مرڪز ۽ سينٽرل سنڌ جو دارالخلافه هو . ملتان کان  124 ميل پري اتر ـ اوڀر ۾ داور بور ( ديپالپور) شهر واقع هو . جتان هڪ ندي نڪري سنڌو کي ڀرتي ڪندي هئي . هتي جي راجائن کي بوُره جي لقب سان سڏيو ويندو هو . ( مسعودي)
جاگرافي نه رڳو وسيع ميدانن ، اوچن جبلن ، درياهن ۽ سمونڊن ، بيابانن ۽ جنگلي ٻيلن جو اڀياس آهي پر اهو ماڻهن جي قسمين قسمين  ثقافتي سٿن ۽ مالي مٽا سٽا جو پڻ تذڪرو ڪري ٿو . اهو فطرت ، مخلوقات ، وسيع زمين ۽ انسانن جي مختلف نسلن جي وچ ۾ قائم ٿيل گهرن لاڳاپن جي پڻ تشريح ڪري ٿو . اهڙن تواريخي ۽ جاگرافيائي لاڳاپن کي هڪ علم دوست  ، پرک رکندڙ ڏاهو قسم قسم جي علمن جي خزانن کي ڪاغذن تي لکي، ايندڙ وقت ۾ علم سان چاه رکندڙ انسان لاءِ محفوظ ڪري وڃي ٿو ته جيئن ڪوبه علم جو طالب ان مان فيض پرائي سگهي . اسان ان نامعلوم عرب عالم کي وساري نٿا سگهون ، جنهن پهريون ڀيرو سنڌ جو ابتدائي جاگرافيائي نقشو ٺاهي دنيا کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو ، ڪتاب جو نالو به ائين ئي ظاهر ڪري ٿو. مثلن ـ اکين کي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عجيب مهارتن جو ڪتاب يعني ــ ڪتاب غرايب الفنون ومُلح فنون
هن ڪتابي نسخي تي هڪ دستخط الفقير مصطفيٰ المعروف بڪبري زاده جو ۽ ٻيو دستخط ڪتاب جي مالڪ يحيٰ بن محمد الملاح جو ٿيل آهي . هيءُ ڪتاب بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ ۾ رکيل آهي، جنهن جو ڪئٽلاگ نمبر  MS Arab c 90 آهي . هن کان اڳ ابن حوقل 943ع ۾ سنڌ جو جاگرافيائي نقشو پڻ پيش ڪيو هو .     
                  



1 comment:

  1. ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ هڪ نامعلوم عرب جاگرافيدان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 12ع صدي جي آخر ڌاري يا 13ع صدي جي وچ ڌاري مصر ۾ مرتب ڪيو ويو هو. هيءُ ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هڪ واپاري سئم فاگ کي هٿ لڳو. هن واپاري 2002ع ۾، ان ڪتاب کي 100000 هڪ لک پائونڊن ۾ بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ کي وڪڻي ڏن

    ReplyDelete