Powered By Blogger

Sunday, November 6, 2011

بَندَ رَ مُون ڏوُر ٿيا

بندَ رَ   مُون  ڏوُرِ  ٿيا
قاسم علي شاه
سنڌ ٽن تهذيبن کي پاڻ ۾ سمايو آهي، اُهي درياهي، سامونڊي ۽ جابلو تهذيبون آهن. ان ڪري اوائلي سنڌ کي  تهذيبن جو مادرِ وطن سمجهو ويندو آهي ۽ کيس دنيا ۾ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سنڌو ماٿر تي تحقيق ڪندڙ دنيا جِي اعليٰ يونيورسٽين جَي مڃيل اسڪالرن، سنڌو ماٿر تي سوين تحقيقي مقالا، مضمونَ ۽ ڪتابَ لکي چڪا آهن. بنيادي طور سمجهيو ويو آهي ته، سنڌو تهذيب جا اولين وارثَ زرعي ۽ واپاري سماجن سان لاڳاپو رکندا هئا. سنڌو جو سماج زرعي به هو ته گڏوگڏ واپاري سماج به هو. هن سماج ،  متمدن شهري زندگيءَ جو آغاز ڪندي، ترقي پسند معاشري جو پايو وڌو هو. سنڌو ماٿر جي تهذيب کي سمجهڻ لاءِ ضروري هوندو ته آڳاٽِي  سنڌو لکت جي ڀاڃ(Code Break)  ڪئي وڃي . سنڌو جي زرعي سماج بابت ته اسان کي اڳواٽ خبر آهي، پر سنڌو ماٿر جِي ڏيساور جي ملڪن سان ٿيل تجارت بابت تاريخي دستاويزي ثبوتَ وچ ايشيا جي ملڪن ۽ روس جي ڪُتب خانن ۾ ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ پڻ موجود آهن. محترم تاج محمد صحرائيءَ ۽ ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏاڻي هِن راءِ جا هئا ته اولين سنڌوماٿر جا واپاري پَڻِي لوڪ هئا، جن کي دنيا فنيقي(Phoenician) جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ رِگويد واري زماني ۾ پڻي لوڪ غورابن سان مال ڀري، سمنڊ جهاڳي، ڏيساور ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا.. سَي ، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، وڻجارا هئا. سامونڊي رستن جي کوجنا کان پهرين، هِتان جي وڻجارن زميني رستن کي پنهنجي واپاري هلچل لاءِ ڪتب آندو؛ هُنن سڀ کان اول مصر ۽ بئبلان کي پنهنجي واپاري سرگرمين جو مرڪز بنايو ۽  هِتان جو جڳ مشهور اُڻيل ڪپڙو" سندن"؛ هُتان جي بازارن ۾ متعارف ڪرايو. هِتان جي لوڪن تجارتي مُسافري سان گڏ پنهنجي تهذيب، رسم و رواجَ ، سوچُن ــ خيالن ۽  مهارتن کي به هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه؛ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچايو هوندو . عرب خلافت جي اقتدار دوران؛ ديبل بندر جي تباهي کان پوءِ، سنڌو درياهه ۽ سمنڊ جي سنگم تي هڪ نئون بندر وجود ۾ آيو، جنهن کي لاڙي بندر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هِتان جي ماڻهن ۾ سِيني دَر سِيني اڃا به اهڙيون روايتون هُلن ٿيون، جن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته لاڙي بندر(ٺٽي) ۽ ملتان جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ذريعي؛ ٻيڙين وسيلي تجارتي سامان جي سوداگري ٿيندي هئي. ان زماني ۾ ٺٽي ننگر کي مرڪزي اهميت حاصل هئي؛ لاڙي بندر (ٺٽي) ۾ چين جو ريشم ـ شاهراهِ ريشم جي ذريعي ملتان کان ٿيندو لاڙي بندر ايندو هو، جتان پوءِ اهو ريشم روم طرف روانو ٿيندو هو. سنڌ ۽ ملتان جا آڳاٽا تاريخي لاڳاپا نهايت قديم آهن. ملتان جون قديم قومون لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيون هيون ۽ سنڌ جا وڻجارا ۽ واپاري، جڏهن ممبئي ويندا هئا ته اُتان جا ماڻهو کين ملتاني ڪوٺيندا هئا. مشهور روسي تاجر آفناسي نڪيتن وولگا ندي ۽ ڪئسپين سمنڊ جي سنگم تي واقع آستراخان شهر کان سن 1466ع ۾ برصغير جو سفر ڪيو هو ۽ هو دابول (ديبل؟) کان ٿي؛  پنهنجي وطن روس روانو ٿيو هو. جنهن جو تفصيلي ذڪر هُن سندس ڪتاب " ٽي سمنڊ پار''  ۾ ڪيو آهي .
سوين ڪتابن جا هزارين ورق ورائي، پنهنجِي محبوب ٻوليءَ جو مشاهدو ڪندي، جڳ سڄاڻ عالم، ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته "لاڙي بندر ۽ سنڌ جي ٻين بندر تان ايراني نار، بصرَي، ڪانگو ( بندر عباس) بحرين ، سورت، لکپت، چين، بنگال، لنڪا ڏي سنڌ جو واپار هلندڙ هو ۽ مال جي مٽاسٽا ٿيندي هئي.
انهيءَ دور جو پختو ۽ اکين ڏٺو ثبوت شاهه جي ڪلام مان ملي ٿو. لطيف جا هيٺيان بيت مٿيءَ ڳالهه جو دليل آهن.

سودي ڪارڻ سنبهي، ويهون وڻجارن،
ويا چين بنگال ڏي رکي ماڻڪ من.

لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا،
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.

هتي جا هندو واپاري ۽ تاجر قنڌار  وايا هرات ، مشهد ، قذوين ، تبريز ۽ ڪئسپين پار  وولگا نديءَ جي ڪناري استراخان ويندا هئا ۽ ٻئي روٽ کان شڪارپور وايا ملتان، ڪابل، بلخ، سمرقند بخار ويندا هئا. جن ۾ اسماعيلي خواجه واپارين جو چڱو چوکو تعداد هوندو هو.
"سن 1636ع  تائين لاڙي بندر هن خطي جو مکيه بندر هو، جتي 200 کان 300 ٽنن جا بار کڻندڙ جهاز اچي بيهندا هئا. سترهينءَ صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ وڏي ٻوڏ ۽ درياهه جي لٽَ جي ڪري؛ هِيءُ بندر پنهنجِي شهرت وڃائڻ لڳو".لاڙي بندر جي لَٽجڻ سبب سنڌو نديءَ جي ذريعي؛  ملتان ۽ ٺٽي وچ ۾ ٿيندڙ تجارت بند ٿي ويئي“ ۽ ملتان جو تجارتي اوج ختم ٿي ويو. نئين تجارتي مرڪز شڪارپور جو پايو پئجي چڪو هو. هن شهر کي دُراني سلطنت جي حمايت حاصل هئي. ملتان جي واپارين پنهنجي مڏي ملتان مان پٽي، اچي شڪارپور ۾ وارد ٿيا. قنڌار کان ايندڙ واپاري قافلا سڀ کان پهرين اچي شڪارپور ۾ ديرو ڄمائيندا هئا . ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۾ هن طرح لکيوآهي ته " سنڌ، واپار جي رستن جي وچ تي هجڻ ڪري صدين کان” مشرق و مغرب“ کي ڳنڍيندڙ ذريعو پئي رهي آهي؛ هزارين سالن کان سنڌ ــ تهذيبن جو ورهاست گهر ــ رهي آهي. سوين اٺن جا قافلا قطار در قطار، مختلف قسمن جي مال سان سٿجي ايندا هئا ۽ جيڪي آڻيندا هئا سو لاهي ويندا هئا؛ موٽ ۾ وري سنڌ اندر تيار ٿيندڙ مکيه شين سان ڀرجي ويندا هئا. البيروني لکي ٿو ته اسين پنهنجي، ملڪَ: ترڪستان ۽ سجستان مان لنگهي، سنڌ ۾ پهچندا هئاسين. خراسان، عرب، ايران، ترڪي، ايشيا مائنر، چين، مغربي يورپ سان سنڌ جا گهاٽا تجارتي لاڳاپا هئا. وچ ايشيا سان واپار هڪ شاهي رستي ذريعي ٿيندو هو، جو بکر کان شروع ٿي، سليمان ــ هالار جبلن جي قطار جَي آسان لڪن وچان "بولان درَي" مان لنگهي قنڌار هِرات مَروِ کان ٿيندو ؛ ترڪستان ۾ اچي ختم ٿيندو هو“. ان دور ۾ شاهراهِ ريشم جي مرڪز تي آباد شهرَ سمرقند، تاشقند ۽ بخار ريشم جي مالَ سان ڀريا پيا هوندا هئا. ريشم جي هاڪ مُلڪان مُلڪ مشهور هئي،  انهن ڏينهن؛  ريشم جو واپار چين جي شهر شِيان کان ترڪي جي شهر استنبول تائين ٿيندو هو.  شيان ۽ استنبول درميان سارَي رستي کي شاهراهِ ريشم جي نالي سان سڏيندا هئا. ريشم جي تجارت کي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ، هِتان جي سنڌي وڻجارن مشرق کان مغرب جو اڻانگهو سفر ڪرڻ لاءِ سوچو؛ ڏکيون راهون، اوچا جبلَ، پاڻِي جي اڻاٺ، سفر ۾ راهزن جا خوفَ به؛ وڻجارن جي همتَ ۽ حوصلن کي خطا ڪري نه سگهيا. سوين اُٺن جا قافلا ڪاهي، ويران بيابانن ۽ تَپندڙ صحرائن کي پار ڪري، پاڻي جي قدرتي چشمن تي آباد ٿيل شهرن سمرقند، تاشقند ۽ بخارا پهچندا هئا. جتي ڀانت ڀانت جا سوداگرَ ڏسبا هئا ۽ هنن رونق ڀريل شهرن ۾ وِيهاڪو ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. ڄاڻايل شهرن جي دولت مان خوبصورت محل ماڙهيون اڏجڻ لڳيون؛ انهن ۾ آسماني۽ گلابي رنگ جي ڪاشِي جو استعمال ٿيڻ لڳو، سنهري اُڀن گول ڪالمن جي اڏاوت عمل ۾ آئي، ارغواني محرابي دروازن ۽ درين تي بلوري شيشي جي چٽسالي ۽ چترڪاري سان جڙاوت جو ڪم ڪيو ويو ۽ اُهي عمارتون عاليشان ڏيک ڏيڻ لڳيون . حافظ شيرازي، سندس شاعري ۾، هن طرح انهن شهرن جو منظر پيش ڪيو آهي.
اگر آن ترڪِ شيرازي بدست آرد دلِ ما را،
بخالِ هندوش بخشم سمرقند و بخارا را. 
جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ؟ منهنجي دل هٿ ڪري وٺي ها
ته سندس مُکَ جي تِر لئه موتي مثل سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان ها؛

انهن شهرن ۾ ٿيندڙ لاجواب چترڪاري، شاعري، موسيقي، راڳ رنگ، فنِ خطاطي، علم ۽ ڄاڻ هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي. هتي طب، نجوم ۽ سائنس تي انسائيڪلوپيڊيائون لکجڻ ۾ آيون، ۽ علم عام ٿيو ته  درسگاهون تعمير ٿيڻ لڳيون.  بخارَي جا امير سنڌي شڪارپوري وڻجارن جي دل کولي حمايت ڪندا هئا، ۽ ڏسندي ڏسندي، هُو  وڻجارا  واپار تي ڇائينجي ويا.  اُتان، اُهي وڻجارا مروِ، مشهد، تبريز کان ٿيندا، آستراخان ايندا هئا. انهن جي آمد جي ثابتي مشهور ايراني شاعر، مولانا جلال الدين رومي جي مثنَوَي مان پوي ٿي. سندس هڪ مثنوي ۾ هن طرح لکيل آهي.

    هنديان را اصطلاح هند مدح،
سنديان را اصطلاح سند مدح؛

سنڌين جو پنهنجو محاورو سنڌ جي صفت آهي
هِنديِن جو پنهنجو محاورو هند جي صفت آهي؛

نه صرف شڪارپوري وڻجارا پر ننگرپاڪر جا اوسوال ذات جا جَينِي واپاري پڻ وچ ايشيا ۽ قُفقاز جي ساري علائقي تي ڇانيل هئا. جَينين جون  پيڊيون بنگال جي شهرن مرشدآباد ۽ ڍاڪا تائين ٻڌڻ ۾ اينديون هيون.
انگريز مورخن ــ اليگزينڊر برنس، ايڇ ٽِي پوســـٽنس، رچرڊ برٽن ۽ ايوانس جي تحريرن مان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته شڪارپورين جي واپاري پکيڙ، ناڻي جو ڦهلاءُ، هُنڊي جي ذريعي بينڪنگ نظام، وچ ايشيا کان وٺي برصغير جي وڏن شهر ۾ رائج هو. حيدرآباد ۽ شڪارپور جي واپارين جي تنظيم ڪاري، واپاري نفسيات، گهڻ رُخي ناڻي جو ڪارج، هندوستان جي ٻين واپارين سان سندن واپار ۾ چٽا ڀيٽيءَ جي عنصرن کين آرام سان هڪ ٿانئيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو هوندو . انهن اُتي ٿي پهچڻ چاهيو، جتي ٻيو ڪو  پهچي نه سگهيو هو. نتيجي ۾ اسان کي سندن پڙاڏا ماسڪو، سينٽ پيٽرس برگ،  ياروسلاول، ڪازان ۽ آستراخان ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. شڪارپورين کي دُراني حڪمران مانُ ڏيندا هئا. کين، وٽائن مڪمل حفاظت جو يقين ڏياريل هو. جڳ مشهور روسي اسڪالر پروفيسر گانڪوفسڪي لکيو آهي ته" شڪاپوري جا ڀلاوڻا احمد شاهه دُراني کي ناڻي مان سندس فوج لاءِ مدد ڪندا هئا ". روسي تاريخدان، جِي ايل دمتريوف ڄاڻايو آهي ته" اُهو علائقو جيڪو ملتان جي آس پاس آهي، خاص طور سنڌ ـ اُتي جا ڀاٽيا قوم جا واپاري وچ ايشيا جي روسي ـ راڄ ۾ گهڻائي ۾ هئا". اهي ڪابل، بخارا ۽ پري ڪئسپين سمنڊ تائين سفر ڪندا هئا. انهن ۾ مسلم خواجه ۽ هندو وچ ايشيائي ملڪن ۾ تجارت ۾ تڪڙا هئا . محترم دمتريوف، روسي تاريخي دستاويزن جي روشني ۾ پڌرو ڪيو آهي ته" انهن واپارين جو ڪاروبار وچ ايشيا کان اتر ـ اولهه هندوستان، بشول ملتان ـ شڪارپور ـ پشاور ـ لاهور ـ هري پورـ لڌيانه ـ امرتسر ۽ ڪشمير جي شهرن ۽ دهلي کان پري وارن شهرن اله آباد ـ ممبئي تائين پکڙيل هو" . هن کوجنا ڪئي آهي ته روسي آرڪائيوَل رڪارڊ  ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته اُهي واپاري بخارا جي هندوستاني ڪاروانِ سراءِ ۾ ديوالي ملهائيندا هئا، جو هنن جو مبارڪ ڏينهن هو. جنهن کي (هتي) عيدِ چراغان(Lighting Festival) چئبو هو . روسي سائينسي ايڪيڊمي ، سينٽ پيٽرس برگ يونيورسٽي ۾ اسڪالر ڊاڪٽر  اِگور  واءِ ڪوتِين ڄاڻايو آهي ته، انهن پهريَن برصغير جي تاجر جا نالا معلوم ٿي نه سگهيا آهن، جيڪي برصغير جون شيون روس آڻيندا هئا ۽ سنڌ کان آيل گهڻا تاجر ڏاکڻي روسي شهر آستراخان ۾ قيام ڪندا هئا. (روسي سنڌين کي به هندوستاني سڏيندا هئا، هُو اها شناخت خطي جي بجاءِ مذهب جي بنياد تي ڪندا هئا) جيڪو وولگا ندي جي ڪناري تي آباد آهي. 1917ع ۾ ڪَميُونِسٽ پارٽي جي انقلاب کان پهريائين، هن شهر جي هڪ مرڪزي شاهراه جو نالو هندوستاني شاهراهه هو. شاهراه جي ڪناري تي هڪ پٿر جي ٻه منزلا عمارت اڄ تائين محفوظ آهي. جنهن کي هاڻ هندوستاني گهر ڪري چوندا آهن. هيءَ عمارت آستراخان جي آثارن ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. تاريخ جا روسي ماهر ٻڌائين ٿا ته سنڌ جا پهريان تاجر جيڪي روس پهتا هئا. سي سن 1615ع ۾ روس آيا هُئا. آڳاٽن روسي دستاويزن مان وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته آستراخان ۾ هندوستاني گهر؛ جنهن کي سنڌين تعمير ڪرايو هو. تنهن جي اڏاوت سن 1625ع ۾ ڪئي ويئي هئي. ملڪ جا حاڪم روس ۾ ايندڙ سنڌي ۽ ٻين مشرقي ملڪن مان آيل تاجرن جي همت افزائي لاءِ ڪوشان هوندا هئا . انهن تاجرن کي گهٽ ۾ گهٽ ساليانو محصول ڏيڻو پوندو هو يعني هڪ دوڪان جي عيوض ٻارنهن روبل ۽ اهي ٻين لاڳو ٿيل محصولن کان آزاد هوندا هئا. سنڌ جا اُهي تاجر روس ۾ ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو، قالين، قيمتي پٿر، ميوا، سون، چاندي وڪرو ڪندا هئا.  سن1722ع ۾ گرمين جي موسم دوران، روس جو بادشاهه پيٽر اول آستراخان آيو. هن سنڌي تاجر سان ملاقات ڪئي ۽ کائن خير خيريت معلوم ڪئي ۽ هُن تاجرن کان تجارتي ڪم جي باري ۾ سوال ڪيا ۽ هُن، انهن تاجرن کان هند (سنڌ)  ڏي ويندڙ رستن بابت پڻ سوال پڇيا. سنڌ تي برطانوي راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ، اُهي سنڌي تاجرَ روس نٿي اچي سگهيا. روسي اِتهاس مطابق سن1947ع تائين برصغير ۾ ٺهندڙ شيون جيڪي روس کي درآمد ٿينديون هيون، سي بند ٿي ويون. ڊاڪٽر اگور ڪوتين اڀياسي کوجنا ڪندي، ٻڌايو آهي ته جن سنڌي واپارين، روسي تاتار عورتن سان شاديون ڪيون هيون، تن جو اولاد پنهنجي وڏڙن کي ياد ڪندي، ٻڌائي ٿو ته، سندن ابا ڏاڏا سنڌ جا هئا. روسي اديب، ٽالسٽائيَ جي روحاني پوئلڳ موهنداس ڪرمچند گانڌي، سنڌين کي دنيا جا ماڻهو ڪري پڪاريندو هو ۽ چوندو هو ته سنڌي دنيا ۾ ڪٿي به هجن، پنهنجي وطن سنڌ کي بِنَههَ وسارين ئي ڪونه ٿا. ماضي ۾ ڪراچي ۾ مقرر ٿيل، هندوستان جي پهرين هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته مهاتما گانڌي سندس موت کان اڳ، آخري ڏينهن ۾ ، مون کي چيو هو ته ، منهنجون اکيون ڏسي رهيون آهن ته منهنجي سڄي حياتي جي محنت ۽ خدمت مِٽي ۾ ملي ويئي آهي. ڪجهه ثابتيون آهن ته مهاتما گانڌي جي خاندان جا ماڻهو سنڌ جي پاري ننگر بندر کان پور بندر ڏي لڏي ويا هئا. پاري ننگر هاڪڙي ندي تي آباد بندر هو. جنهن جا ڦٽل نشان ننگر پار ڪر کان 14 ميلن جي فاصلي تي اوڀر طرف آهن .
 
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مُون ڏوُر ٿيا،
نه موُن هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئون چَئِي چَڙهان،
     

    



Friday, September 16, 2011

indusmap: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

indusmap: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ قاسم علي شاهه سنڌ سڪاريل هوندي به ڏکويل ماٿري جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي وحدت قبضي خورن جي اک...

indusmap: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

indusmap: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾: ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ قاسم علي شاهه سنڌ سڪاريل هوندي به ڏکويل ماٿري جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي وحدت قبضي خورن جي اک...

ڪو جو قهر ڪلاچ ۾


ڪو  جو  قهر  ڪلاچ   ۾

قاسم علي شاهه

سنڌ سڪاريل هوندي به ڏکويل ماٿري جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي وحدت قبضي خورن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر لڳي رهي آهي. غير سنڌي ميڊيا ڪثرت سان شهري سنڌ ۽ ديهي سنڌ جا لفظ استعمال ڪري، وڇوٽي وجهي رهي آهي. سنڌ ته صادقن جو ڏيهه آهي، جيڪو آس پاس جي پرڳڻن کي به خوشحال ڪيو بيٺو آهي. سڪاريل سنڌ جي پئداوار جو ڳچ ڀاڳو قبضي خورن ۽ هجرتين کي ملندو رهيو آهي. ڏسڻ ۾ اچي پيو ته هن سڪاريل ڏيهه جي ڏکويل ماٿري جي ماڻهن جا ڏک ۽ اهنج پهرين وانگر ساڳيائي رهيا آهن، جن ۾ گهٽتائي اڃا ڪونه آئي آهي. هڪ هجرت ڪري آيل مقتول وزيراعظم لياقت علي خانَ، هن ديس جي شاندار تهذيب ۽ ثقافت ٿي چٿرون ڪري چيو هو ته هن خطي جي ماڻهن جي ثقافت لاڏائو گڏهن جهڙي آهي،  ۽ هڪ ٻئي دهلي جي ٺڳ جنرل پرويز مشرف پاڻ مرادو پاڻ کي صدر سڏائيندڙ ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي چيو هو ته سنڌي جاهل آهن. وقت جي بي رحم ايامن کيس پناهگير بڻائي ڇڏيو ۽ کيس جمهوريت جي ڇٺي هيٺ پناهه ملي. هڪ فوجي سگهه جي سربراهه کي جمهورت مان فائدو ته مليو پر ان ساڳئي جمهوريت مان سنڌ کي ڪو فائدو ڪونه پهتو آهي ۽ بيشڪ جمهوريت بهترين انتقام آهي. پر جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي حصيدار سنڌ اڄ ڇو انتقام جو نشانو بڻيل آهي؟. کيس نه پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ٿو، نه اين ايف سي ايوارڊ مان پورو حصو ملي ٿو ۽ نه وري نوڪرين ۾ ڀاڱو ملي سگهيو آهي. سڄو فائدو ڀارت مان لوڌجي آيلن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي پيو ۽ سنڌ جي  اقتدار اعليٰ کي داءُ تي لڳايو ويو آهي.
هن سڪاريل ڏيهه جي ماڻهن لاءِ تعليم ۽ ترقي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 15۽ 23   جو حوالو ڏيئي، سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي ويئي آهي. آئين  جي سهاري، ٻاهران آيل ۽ آبادڪارن کي هتي هر قسم جا سک ۽ شهري حق مليل آهن. هتي جي عوام کي ٽئين درجي جو شهري سمجهي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ڪو زمانو هو. جڏهن سڪاريل سنڌ جي معاشي سگهه ڀر وارن رياستن کان انتهائي اوچائي تي هئي. هتي جي ماڻهن ڪڏهن پرڏيهه ۾ نوڪري ڪرڻ جو سوچيو به ڪونه هو. سنڌ جا تجارتي اسمَ ديسان ديس مشهور هئا. سنڌ جي مهذب جاتي جا ماڻهو ٻاهريون ناڻو ڪمائي، سنڌ کي خوشحال ڪري رهيا هئا. انهن جي ناڻي مان اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عظيم الشان عمارتون اڏجي رهيون هيون، سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ تحسين جوڳا ڪم ٿي رهيا هئا.
انگريزي راڄ جي ڪمشنري سرشتي ۾ هن ڏکويل ماٿري کي عروج ۽ ترقي ملي. سنڌ جي ڀلي ڪاڻ هڪ وڏي رٿابندي ڪئي ويئي، هڪ نئين سنڌ جو پايو وڌو ويو . سنڌ جي واهڻ وستي، ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڏامر وارا روڊ ۽ ريلوي جو نظام، قانون ۽ انصاف تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي انتظام، زمين جي پئمائش ۽ نقشه نويسي لاءِ ريونيو کاتو ، سنڌ جي معاشي سگهه وڌائڻ لاءِ آبپاشي جو سرشتو ، تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تعليم کاتي جو پايو وڌو ويو ، سنڌي ٻولي جي رسم الخط کي سڌاريو ويو ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪتابَ ڇپايا ويا . هر عام ۽ خاص کي سنڌي ۾ لکڻ پڙهڻ جو هدايت نامو جاري ڪيو ويو . شهرن کي صاف رکڻ لاءِ ميونسپالٽِي ٺاهي ويئي . ڪراچي بندرگاهه کي نئين طرز تي تعمير ڪرايو ويو . سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري جو اهو سارو ڪم، ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي زماني ۾ ٿيو . سر بارٽل فريئر عام درٻار لڳائي غريبن ۽ اٻوجهن جا مسئلا پاڻ ٻڌندو هو  ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ عمل به ڪرائيندو هو . سندس اهڙي طرز عمل  ڪري عام ماڻهن مان احساس محرومي ۽ انگريز حڪومت جو خوف ختم ٿيو .ڪمشنر صاحب ، ماڻهن کي سنڌي زبان ۾ درخواست لکڻ لاءِ همتائيندو رهندو هو . سر بارٽل فريئر هڪ فرنگي هو . سنڌ جي ست سال خدمت ڪري، ماڻهن جون دلون جِيتي هليو ويو .
1938ع ۾ سنڌ اسمبلي مان رڳو هڪڙي سرڪاري ووٽ تان آزاد ملڪ جي گهر لاءِ قرارداد پاس ڪرائي ويئي هئي . اها قرارداد هاڻ پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي چُڪي آهي . بي حقيقت سياست جي اَڏوهي، ڄاڻايل قرارداد جي دستاويز کي کائي چٽ ڪري چڪي آهي . ڄاڻايل قرارداد جي آڌار تي جيڪي هن پرڳڻِي کي آئيني حق ملڻا هئا . تن جي ملڻ جي اميد بلڪل نه آهي رهي . ورلڊ بينڪ جي چوڻ تي من گھڙت سنڌ طاس معاهدو ٺاهي ، سنڌو تي ڊيمَ ۽ بئراجَ  اڏرائي، سنڌ جي سُڪر ۽ سڻائي ۽ سنڌ جي معاشي ترقي ، ثقافت ، ٻوليءَ  ۽   تمدن جي مٿان لت رکي، هن خطي جي آئيني ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي .
هڪ عوام پاران چونڊيل ۽ معزز وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي  جي عزت ۽ حرمت کي بالاءِ طاق رکي. کيس آمريڪا جي اشاري تي ڦاهي ڏيئي، قومن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي ويئي . جمهوريت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ رڳو سنڌ جي آدم مٿان فوجي آپريشن ڪيو ويو . خواهه مخواهه هن پرڳڻي جي رهواسين کي ويڳاڻپ جو شڪار ڪيو ويو ۽ کين بدنام ڪري علحدگي  پسند ۽ صوبي پرستي جي تهمت لڳائي ويئي . هن پرڳڻي ۾ رولاڪ ۽ مذهبي هجرت جي نالي تي غير ملڪين کي  وسايو ۽ ورسايو ويو . سوويت ــــ افغان آمريڪي ويڙهه جي نتيجي ۾ لڏي آيل لکين رليلن جي لوڌ کي هت رهائي، سنڌ جي زرعي معيشت مان کين مفت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو . غير قانوني ۽ هجرت ڪري آيلن جون نسلي ۽ لساني تحريڪون ۽ تنظيمون ٺاهي، کين پيسن ۽ هٿيارن جي مدد ڪئي ويئي . سنڌ جي سياسي وحدت ۽ جاگرافيڪل ڊيموگرافي کي هٿرادو هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . عسڪري فائونڊيشون قائم ڪري ، سنڌ ۾ قبضو ڪرايل زمينن تي عسڪري زرعي فارم ٺاهيا ويا . رٽائرڊ سرڪاري ۽ عسڪري آفيسرن کي خبر ناهي ڪهڙي سورهيائي ۾ زمينون الاٽ ڪيون ويون .هڪ لساني تنظيم کي پاڻ سان گڏ حڪومت ۾ شامل ڪري ، شهرن جي ترقي جي نالي ۾ ، جڙتو تعميراتي ڪمپنيون ٺاهي ، مال ڪمائڻ جي ترغيب ڏني ويئي ۽ سنڌ جو سڄو ناڻو ڪراچي تي خرچ ڪيو ويو . هر سال ڪراچي کي 100 ارب روپيا سياسي رشوت طور ڏنا  وڃن ٿا،  جن جي ڪا به آڊٽ نٿي ڪرائي وڃي. اهي فنڊز  نالائق ۽ بيغيرت فوجي ڊڪٽيٽر پرويز  مشرف پاران جوڙايل ضلعي ۽ شهري حڪومتن  حيدرآباد ۽ ڪراچي کي جاري ڪرا يا ويا هئا جيڪي اڃا به جاري ڪيا وڃن ٿا .
"هن کان به اڳ مهاجر ليڊر لياقت علي خان پاڪستان جي قائم ٿيڻ سان ئي تنازعو پيدا ڪري وڌو، هن آئين ساز  اسمبليءَ جي مٿان  هڪ مذهبي ايڊوائزي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان سان گڏ هڪ اسلامڪ ايڊوائزري بورڊ قائم ڪيو  ، ان بورڊ  جو چيئر مين  مولوي سليمان ندوي، جيڪو انڊيا ۾ ئي  رهندو ، کي مقرر ڪيو. اسيمبلي جا سڀ پاور هن مولوي سليمان ندوي کي  ڏياري موڪليا، تنهن آرڊر جاري ڪيو ته ڪوبه مقامي ماڻهو شهر ن  ۾ ملڪيت نٿو وٺي سگهي ، جَي وٺي ته ڏهه هزار  روپين کان وڌيڪ نه ٿو وٺي سگهي!.ائين سمورا شهر  ڪارا  قانون ٺاهي ، مقامي ماڻهن کان ڦريا ويا ! اسلام جي ڪنهن به ڪتابَ  ۽ اسلامي قوانين  ۾ هجرت ڪندڙن لاءِ ڪوبه ڪليم داخل ڪرڻ  جو مورڳو ڪوبه  حق تسليم ڪيل  نه آهي، هندوستان جي مهاجر مسلمانن ، اسلام جي غلط تشريح ڪري ، هتان جي ساده لوح انسان کي بي وقوف بنائي، هر شيءِ تي قابض ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ هتان جو مقامي ماڻهو هاڻ مذهب کان وڇوٽي تي بيٺل نظر اچي پيو . ائين لڳي ٿو ته  هتان جي ماڻهو کي مذهب کان خوف چڙهي ويو آهي".
ان پر نه ايمان جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين
دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان اندر آذر آهيين
فوجي جنرل ايوب خان پنهنجي آٽو بايو گرافي  فرينڊز ناٽ ماسٽر ز  ۾ لکيو آهي ، ته " سن 1954 ۾ حڪومت فيصلو ڪيو ته بي گهر  لوڪن کي هندوستان ۾ ڇڏيل جائداد جو معاوضو  ادا ڪرڻ لاءِ  هڪ اسڪيم جوڙي ، پر 1955 کان وٺي 1958 تائين ان سلسلي ۾ ڪوبه قدم نه کنيو ويو ، ڪِليمَن جو هڪ محڪمو  کوليو ويو ۽ مطالبن جي اندراج ۽ ڪليمن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو ويو . دستاويزن جي غير موجودگي جي ڪري، اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو هو ته مهاجرن هندوستان ۾ ڪيتري قدر ملڪيت ڇڏي هئي، ۽ هتي ڪيتري قدر ملڪيت جا حقدار هئا. مغربي پاڪستان جي مشينري ته اِن مسئلي  کي حل ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪندي رڪجي وئي هئي، اهل سياست کي ڪجهه ٻيو ئي سجهي هئي  ته ڪو به شخص ٻه گواهه پيش ڪري ته هِي شخص اڌ هندوستان جو مالڪ هو ته حڪومت پاڪستان کي اهو مڃڻو پوندو . اِن جي بدلي ۾ اگر  اهو شخص به تصديق ڪري ته هن جا گواهه  باقي رهيل هندوستان جا مالڪ هئا ته حڪومت کي هن جي ڳالهه به مڃڻي پوندي، غرض ته هن فارمولي بي ايماني ۽ فريب جا چوڌاري دروازا کولي ڇڏيا هئا . آئون ويچارن مهاجرن کي الزام نٿو ڏيان پر هن فارمولي مهاجرين جي اخلاق کي بگاڙي ڇڏيو هو. اسان نموني طور تي ڪجهه رڪارڊ جي جانچ پڙتال ڪئي ته معلوم ٿيو ته مهاجرن ، اسان وٽ جيڪي ڪليم درج ڪرايا هئا، ان مان صرف 7.5 ساڍا  ست  سيڪڙو سچا هئا" . قدرت الله شهاب پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب شهاب نامه ۾ هڪ واقعو لکيو آهي ته" هڪ شخص محمد دين ضلعي لڌهيانا جي ڪنهن ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي لڳائي هئي ، ان جي ماليت ٻه هزار ٻه سو درج هئي ، چڪي خريد ڪرڻ جي اصل رسيد به درخواست ۾ لڳل هئي ، اسان جو بورڊ پنج هزار روپين کان مٿي ماليت جي اثاثن جو فيصلو ڪندو هو . مون محمد دين کي چيو ته جيڪڏهن تو پنهنجي چڪي جي قيمت ٻه هزار ٻه سو جي جاءِ تي پنج هزار روپيا درج ڪئي هجي ها ته بورڊ ضرور معاوضو ڏئي ها . ڇو ته تنهنجا ڪاغذات تمام صاف ۽ سچا آهن. هن جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي جيڪا منهنجي قسمت! قيمت ئي ٻه هزار ٻه سو  روپيا آهي ته آئون پنج  هزار ڪيئن لکان ؟..... محمد دين کي اسان ڪجهه نه ڏئي سگهياسين، پر هو اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويو . صبح کان شام تائين اسان جي  بورڊ کي ڪوڙ ، فريب ۽ لالچ  جي جنهن طوفان بي تميزي جو منهن ڏيڻو پوندو هو، ان ماحول ۾ محمد دين جهڙا انسان ديانت ۽ امانت ۽ پاڪيزگي جا منار هئا جن جي برڪت سان قومون زندهه رهن ٿيون ۽ پروان چڙهن ٿيون" .
ويجهي ماضي جي ڳالهه آهي ته ، 1972ع ۾ سنڌين تي حملي ڪرڻ ، کين مارڻ ، سنڌ ۽ سنڌيت کان نفرت پئدا ڪرڻ  لاءِ  سنڌ ۾ مهاجر ــ پنجابي ــ پٺاڻ محاذ ٺاهي، لساني ويڙهه کي هٿي ڏني ويئي ۽ محترم ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ پئي ، سنڌين جي جان ڇڏائي .  ذوالفقار علي ڀٽي جي لفظن ۾ ته سنڌين کي گهڻي وقت تائين ريڊ انڊين وانگر سمجهيو ويو آهي . هن چيو هو ته اسان پنهنجون جانيون ڏنيون ، اسان پنهنجون زمينون ڏنيون ، پنهنجا گهر ڏنا ، انهي لاءِ ته اسان مهاجرن ڀائرن لاءِ وفاداري، عزت ، محبت ظاهر ڪري سگهون !
ليڪن ، پير حسام الدين راشدي جو خيال هو ته سنڌ جا  امير ۽ وزير بزدل هئا، جيڪو هن جي اکين ڏٺو هو،  سو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي ، هو پنهنجي آٿم ڪٿا "هو ڏو ٿي هو ڏينهن  " جي هڪ ڪردار بابت  لکي ٿو ته " رمون جواري هو، پتي باز هو ، ٽڪري باز هو ، چاقو مار هو.. سکر جي  سڄي شهر تي سندس رعب هو . غريب آباد ۽ شڪارپوري روڊ ته جنسي سندس حڪومت ۾ هئا . نالو ڪن پيو ، ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ! لنگهندو ڏسبو هو ته لونءُ ڪانڊارجي ويندي ! مطلب ته ايڏو خراب، ايڏو بدمعاش ، ايڏو لوفر .. ايترن سيه ڪارِن هوندي سندس ڪردار ۾ ڪيترائي روشن پهلو به هئا . واعدي جو پڪو ، زبان جو سچو ، دوستيءَ جو پختو ، رنن زالن جو واهرو ۽ مددگار ، رمونءَ  هائو ڪئي  ته ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو ..  اهي ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون خوبيون  هيس. جو  اڄ  انهن  مان  هڪ _ ٻـــــه به جيڪڏهن سنڌ جي اميرن وزيرن ۾ هجن ها ته هونءَ  اسان ايترو نه خراب ٿيون ها ، نه محڪوم ٿيون ها ، نه محتاج ٿيون ها . اسان جا وزير ، جي" رمون مڪراني" ٿي پون ها ته ڪنهن کي طاقت هئي ، ڪنهن کي مجال هئي ، جو اسان ڏي اَکُ کڻي نهاري سگهي ! اَها  اک نه نڪري وڃي ها" !
هن ڏکويل ماٿري سنڌ جي ڪلچر تي دائما صوفي فلسفي جو اثر رهيو آهي، صوفي فلسفي لاءِ چوڻ آهي ته هن  فلسفي ۾ نفرت، حقارت ۽ نسل پرستي جي هميشه نفي ڪئي ويئي  آهي. هن فلسفي ڪميڻپ تي ٻڌل روين ۽ عملن جي پرزور  مذمت ڪئي آهي. اهڙي فلسفي جي حمايت اهل پنجاب پڻ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي. " راوي راشڪان _ جهلم فاسقان _ ستلج سالڪان_ سنڌ صادقان ".
سنڌو ندي جي ڪناري آباد عوام کي سندن سرحد ۾ قيد ڪيو ويو آهي، اهڙي قوم جنهن جو ڪنهن سان به  وير ڪونه آهي، تن کان خوشيون ۽ مسڪراهٽون ڦريون ويون آهن. اها قوم جيڪا مزاجن هميشه ويڳاڻي پَر ،  امن پسند_ پنهنجن کيتن مان پاڻ ۽ ٻين قومن لاءِ اناج  پيدا ڪندڙ _  تشدد پسندي کان آزاد رهي آهي. تنهن صوفي مت مزاج رکندڙ قوم جي  سامهون، هڪ نسل پرست تحريڪ ايم ڪيو ايم کي بيهاريو ويو آهي، حرامي جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لاءِ دوران ايم ڪيو ايم جو بنياد ڀارتي قونصلر ايس اي ڀاٽيا رکيو هو ، جنهن لاءِ غوث علي شاهه کي استعال ڪيو ويو، هن ڪڌي عمل ۾، اهڙي نسل پرست تحريڪ ٺاهڻ لاءِ  اڻ سڌي طرح ان دور جا فوجي جنرل پڻ ملوث هئا  . ڇو ته مستقبل ۾ اڳتي هلي فوجي راڄ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ، هن نسل پرست تحريڪ کي ، سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو رهيو آهي  ۽ هاڻ به  ائين ٿئي پيو .اڄ ايم ڪيو ايم نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان لاءِ خطرو ثابت ٿي آهي، برطانيه ، آمريڪا  ۽ ڀارت ايم ڪيو ايم کي سندن ناجائز مفادن لاءِ استعال ڪري رهيا آهن، برطانيه ۽ آمريڪا ـــــــــــــ  سنڌ ۽ بلوچستان ۽ پوري خطي جي معدنيات ، تيل ۽ گيس تي  قبضي ڪرڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن .ان سڄي عمل ۾ راهه هموار ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ڪتب آندو ويندو . آمريڪا ڪراچي کي  اسرائيل وانگر  هڪ نسل پرست جي قيام جو سوچي ڇڏيو آهي، جنهن جو  اعتراف الطاف حسين ڪري چڪو آهي.آئينده لاءِ آرمي، الطاف ۽ آمريڪا چاهين ٿا ته ڦرلٽ جي مال مان کين حصو ملندو رهي . اهي ٽئين ملي ، هن خطي جي قومن کي يرغمال بنائي، جمهوريت ۽ قومن جو استحصال ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا . اهو سڄو عمل آمريڪي نئين پلان" نيو ورلڊ آرڊر" جو حصو آهي . آمريڪا هن خطي ۾ سندس مفادن لاءِ سياسي ، فوجي ۽ جاسوسي اسٽيشنز قائم ڪري چڪو آهي، آمريڪا، تازو ڪراچي جي ساموندي ڪناري سان ويهن ايڪڙن ۾ سندس دنيا جي وڏي ايمبيسي قائم ڪئي آهي، هن شهباز ، خاران ۽ شمسي ائير بيسن تي پڻ قبضو ڪيو آهي ، ۽ گهاري ويجهو 30 هزار ايڪڙن تي پنهنجو نيول هيڊڪواٽرز تعمير ڪرڻ گهري ٿو .  
تازو وڏي سياسي مدبر، مولانا عبدالڪلام آزاد جو هڪ ٻيو انٽرويو ظاهر ٿيو آهي، جيڪو هن 1946ع ۾ ، آغا شورش ڪاشميري کي هفتيوار چٽان مخزن لاءِ ڏنو هو . مولانا آزاد  جنهن نموني ملڪن جي ورهاڱي ۽ ان کان پوءِ پئدا ٿيندڙ حالتن جون اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ، سي سڀ اچي صحيح  ۽ سچ ثابت ٿيون آهن . مولانا عبدالڪلام آزاد  جي اڳڪٿين موجب ته؛
1.   اڻڄاڻ سياستدانَ فوجي آمريت لاءِ رستو هموار ڪندا ، جيئن ٻين مسلم رياست ۾ ٿيو آهي.
2 .  ٻاهريان مالياتي ڳرا  قرض چڙهندا.
3.  ڀروارن سان ڪي چڱا تعلقات نه رهندا ۽ يقينن جنگي ڪشمڪش جاري رهندي.
4.  اندروني بي چيني ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جاري رهندي.
5.  ملڪ جي قومي دولت کي پوءِ ڍاوا  ۽ صنعتڪارَ  لٽيندا.
 6.  طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو فائدو پوءِ ڍاون کي پوندو.
7.  احساس محرومي ۽ ويڳاڻپ جي ڪري  نوجوان نسل مذهب ۽ پاڪستان جي نظرئي تان هٿ کڻي ويندو،
8.  بين الاقوامي طاقتون سازشيون ڪري پاڪستان تي ڪنٽرول حاصل ڪنديون.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌو راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. اڻکُٽ مسئلا وڌي وڻ ٿي پيا آهن، جن جي حل ٿيڻ جي ڪابه صورت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي . ماضي ۾ حسن . صداقت ۽ علم جا ترجمان سنڌ جا شهر ويراني  جو  ڏيک ڏيئي رهيا آهن . ماڻهن جي منهن تان سونهن ۽ مرڪ موڪلائي ويئي آهي . مشرق جي ملڪه ۽ ايشيا جو گيٽ وي ڪراچي تعصب جي نشاني تي چڙهيل آهي . ورهاڱي کان اڳ هن شهر جا روڊ صاف پاڻي سان ڌوپندا هئا سي اڄ انساني خون سان ڌوپي رهيا آهن . هيءُ شهر جهڙوڪر مانگر مڇ جو آستان ٿي پيو آهي . بي گناهه ماڻهن جي جسمن کي چيريو وڃي ٿو . اڀاڳن انسانن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ماريو وڃي ٿو . حالتن جو جبر ۽ قهر ڏسيو ،  شاهه لطيف جون چيل سٽون ياد  اچو وڃن ٿيون.
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ ، گهڙي سو  نهي .
خبر ڪونَ ڏئي، ته رڇَ ڪُڄاڙي رنڊيا؟
سنڌ ۾ 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون به  فوجي آپريشن ڪيو هو . تنهن وقت به سنڌ سخت بحراني حالتن مان گذري رهي هئي، هتان جي محبت وطن ماڻهن ئي سنڌ کي اهڙين سخت بحراني حالتن کان بچايو هو . مايوسي جي ڪُن ۾ ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي مزاج  ۾ ٿيندڙ تبديلي ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ  جو مسئلو قومي ايڪتا جي ذريعي حل ٿي سگهي ٿو .سنڌ ايڪتا جي منتظر آهي  اها  ايڪتا شاهه لطيف جي انقلابي سوشلسٽ   فلسفي جي آڌار تي قائم ڪرڻ جي گھر آهي ۽ سڄاڻ جمهوري ۽ محب وطن  سياسي ملاح ئي خوني مانگر مڇ جهڙِي ڍونگي  ،  مڪروهه ، مفاهمت  جي  نالي منافقت نماءُ  سياست جو خاتمو ڪري سگهن ٿا .  

          

Wednesday, September 7, 2011

Bhai sahib Altaf Hussain see detail last sermon of Holy Prophet peace be upon him .


Bhai sahib Altaf Hussain
Founder MQM
Allah ke naam se shuroo’a . yeh khat un ke naam jis par Allah rehmat kare aur un ko hidayat de.
           
  Shuroo din se aap ne urdu bolne wale masoom bhaaiyon ko kaha tha ke aap log VCR, TV bechen aur hathiyaar/Guns len. Ye baat,(1987mein) aap ke phulely hyderabad wale jalse mein, aap ne khittab ke dauraan kahee thee. Aap ko Quraan Paak ki Qasam he , ke kiya aap ne eise nahi bola Tha?. Bilkuk eisa hee bola tha ,Mein ess baat ka einee gawah hoon ke  aap ne eise hee bola tha . aap ne logon ko ishtiyaal dila kar apne maqaasid Hasil to kar liye magar khoon ki holi jo kheli ja rahee he wo nahi dekhi. Wo din dour nahi jab Aap se Allah Ta’ala , Jo insaaf ke din ka malik he , aap se hissab le ga . kiya aap ne samjha he ke aap yahaan hamesh ki zindagi se rahe gai nahi eisa hargiz nahi , altaf Bhai aap ko ye Bhol he ke aap hameshah yahaan rahen gay , mera mashora he ki aap logon ki jaan chhoren unko zindah rahne ka Haq diya jaye , aap aur aap ki wings jo bhee faisila karte hen ,wo Allah ki Kitab Quraan Kareem Ki roo se  manaafi qaraar diya jayi ga. Mien aap Ka Hamdard Hoon. Aap siyasat ko khairabad kahen aur Allah ki Kitab se rujoo’a  Karen . logon ko deen e muhammadi par le aayen , dunya aap ka khair maqdam kare gi. Altaf Bhai dunya mein jitne bhee raaste hen wo sare chahe, jamhoori hon ya ghair jamhori , saare dunya ki tashreeh karte hen . Allah ki kitaab ka rasta aslee, azlee inssaan dost he . mien es ki misaal yoon deta hoon ke jab AAP Nabi sallallahu alaih wa sallam ne makka fateh kiya to koi khoon kharaaba nahi hua tha.  AAp Nabi sallallahu alaih wa sallam ne sab ko amaan dee thee. Dunya es karname ko Gold words mein likhtee he. Agar aap ne koi eisa karnama kiya hua hoga  to dunya aap ko hameshah dilon mien zindah rakhe gi aur aap  ,  Nabi sallallahu alaih wa sallam ke raste pe chalte hue  aakhirat mein nabi Sarkar e Alam ke qareebi sathiyon mein hoon gay. Insha a Allah . dunya ki zindagi kiya he ? . khel aur tamasha . kiya maloom kab khatima ho jae ? AQA Nabi sallallahu alaih wa sallam ne tamaam insaanon ko jorine Aye the . AAP Nabi sallallahu alaih wa sallam ne arab ke tamaam qabeelon ko jor (jod) liya , aur dunya ko pehla insaani tahfuz ka dastoor diya jo Akhiri khuttbe se marqoom wa maaroof he . AAp Nabi sallallahu alaih wa sallam ne sare khit ae arab ko jo tukron mien batta hua tha jese arab , yaman , iraq , sham sab khitto ko aik dastoor mein lete hue aik khitta ai zameen qarar de diya . AQA Nabi sallallahu alaih wa sallam ne ailaan kiya ke kisi gore ko kale par koi fauqiyat nahi , sab insaan barabar hen, ham sab adam ki laud hen aur adam ko matti se paida kiya giya tha . see detail last sermon of Holy Prophet peace be upon him .
So Altaf Bhai abhi aap ke paas waqt he . nasraaniyon aur yahoodiyon ke banaae hue Qawaneen ko chhor den, Nabi ai Alam  Sardar do jahaan sallallahu alaih wa sallam ke hifaazat mein aajaen aur aap apne sathiyon ki tarbiiat bhee iessi nahj par Karen to aa ke dunya aur akhirat sanwar jae gi. Mien khood gunahgar hoon , mere dil mein jo Aya he wo mien ne Aap se share kiya he.
Aap ka na deedah Bhai
Phulely Hyderabad se

Sunday, February 13, 2011

sindhi pehriyon kitab 21a


indusmap: سنڌي پهريون ڪتاب

indusmap: سنڌي پهريون ڪتاب: "سنڌي پهريون ڪتاب"

sindhi pehriyon kitab 18


sindhi pehriyon kitab 17


sindhi pehriyon kitab8


sindhi pehriyon kitab 25


sindhi pehriyon kitab 22


sindhi pehriyon kitab 21


sindhi pehriyon kitab 20


روسي پکي کي سلام ڪريو. ادا ظهير شاه

Friday, February 11, 2011

سنڌي پهريون ڪتاب


سنڌي پهريون ڪتاب


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,

سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


سنڌي پهريون ڪتاب,


sindhi pehriyon kitab




سنڌي پهريون ڪتاب

س

































Tuesday, January 4, 2011

ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

ڪو  جو  قهر  ڪلاچ   ۾

قاسم علي شاهه

سنڌ سڪاريل هوندي به ڏکويل ماٿري جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. ورهاڱي کان وٺي سنڌ جي وحدت قبضي خورن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر لڳي رهي آهي. غير سنڌي ميڊيا ڪثرت سان شهري سنڌ ۽ ديهي سنڌ جا لفظ استعمال ڪري، وڇوٽي وجهي رهي آهي. سنڌ ته صادقن جو ڏيهه آهي، جيڪو آس پاس جي پرڳڻن کي به خوشحال ڪيو بيٺو آهي. سڪاريل سنڌ جي پئداوار جو ڳچ ڀاڳو قبضي خورن ۽ هجرتين کي ملندو رهيو آهي. ڏسڻ ۾ اچي پيو ته هن سڪاريل ڏيهه جي ڏکويل ماٿري جي ماڻهن جا ڏک ۽ اهنج پهرين وانگر ساڳيائي رهيا آهن، جن ۾ گهٽتائي اڃا ڪونه آئي آهي. هڪ هجرت ڪري آيل مقتول وزيراعظم لياقت علي خانَ، هن ديس جي شاندار تهذيب ۽ ثقافت ٿي چٿرون ڪري چيو هو ته هن خطي جي ماڻهن جي ثقافت لاڏائو گڏهن جهڙي آهي ۽ هڪ ٻئي دهلي جي ٺڳ جنرل پرويز مشرف پاڻ مرادو پاڻ کي صدر سڏائيندڙ ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي چيو هو ته سنڌي جاهل آهن. وقت جي بي رحم ايامن کيس پناهگير بڻائي ڇڏيو ۽ کيس جمهوريت جي ڇٺي هيٺ پناهه ملي. هڪ فوجي سگهه جي سربراهه کي جمهورت مان فائدو ته مليو پر ان ساڳئي جمهوريت مان سنڌ کي ڪو فائدو ڪونه پهتو آهي ۽ بيشڪ جمهوريت بهترين انتقام آهي. پر جمهوريت قائم ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي حصيدار سنڌ اڄ ڇو انتقام جو نشانو بڻيل آهي؟. کيس نه پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ٿو، نه اين ايف سي ايوارڊ مان پورو حصو ملي ٿو ۽ نه وري نوڪرين ۾ ڀاڱو ملي سگهيو آهي. سڄو فائدو ڀارت مان لوڌجي آيلن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي پيو ۽ سنڌ جي  اقتدار اعليٰ کي داءُ تي لڳايو ويو آهي.
هن سڪاريل ڏيهه جي ماڻهن لاءِ تعليم ۽ ترقي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل  23   جو حوالو ڏيئي، سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي ويئي آهي. آئين  جي سهاري، ٻاهران آيل ۽ آبادڪارن کي هتي هر قسم جا سک ۽ شهري حق مليل آهن. هتي جي عوام کي ٽئين درجي جو شهري سمجهي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ڪو زمانو هو. جڏهن سڪاريل سنڌ جي معاشي سگهه ڀر وارن رياستن کان انتهائي اوچائي تي هئي. هتي جي ماڻهن ڪڏهن پرڏيهه ۾ نوڪري ڪرڻ جو سوچيو به ڪونه هو. سنڌ جا تجارتي اسمَ ديسان ديس مشهور هئا. سنڌ جي مهذب جاتي جا ماڻهو ٻاهريون ناڻو ڪمائي، سنڌ کي خوشحال ڪري رهيا هئا. انهن جي ناڻي مان اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عظيم الشان عمارتون اڏجي رهيون هيون، سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ تحسين جوڳا ڪم ٿي رهيا هئا.
انگريزي راڄ جي ڪمشنري سرشتي ۾ هن ڏکويل ماٿري کي عروج ۽ ترقي ملي. سنڌ جي ڀلي ڪاڻ هڪ وڏي رٿابندي ڪئي ويئي، هڪ نئين سنڌ جو پايو وڌو ويو . سنڌ جي واهڻ وستي، ڳوٺن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڏامر وارا روڊ ۽ ريلوي جو نظام، قانون ۽ انصاف تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي انتظام، زمين جي پئمائش ۽ نقشه نويسي لاءِ ريونيو کاتو ، سنڌ جي معاشي سگهه وڌائڻ لاءِ آبپاشي جو سرشتو ، تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تعليم کاتي جو پايو وڌو ويو ، سنڌي ٻولي جي رسم الخط کي سڌاريو ويو ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪتابَ ڇپايا ويا . هر عام ۽ خاص کي سنڌي ۾ لکڻ پڙهڻ جو هدايت نامو جاري ڪيو ويو . شهرن کي صاف رکڻ لاءِ ميونسپالٽِي ٺاهي ويئي . ڪراچي بندرگاهه کي نئين طرز تي تعمير ڪرايو ويو . سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري جو اهو سارو ڪم، ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي زماني ۾ ٿيو . سر بارٽل فريئر عام درٻار لڳائي غريبن ۽ اٻوجهن جا مسئلا پاڻ ٻڌندو هو  ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ عمل به ڪرائيندو هو . سندس اهڙي طرز عمل  ڪري عام ماڻهن مان احساس محرومي ۽ انگريز حڪومت جو خوف ختم ٿيو .ڪمشنر صاحب ، ماڻهن کي سنڌي زبان ۾ درخواست لکڻ لاءِ همتائيندو رهندو هو . سر بارٽل فريئر هڪ فرنگي هو . سنڌ جي ست سال خدمت ڪري، ماڻهن جون دلون جِيتي هليو ويو .
1938ع ۾ سنڌ اسمبلي مان رڳو هڪڙي سرڪاري ووٽ تان آزاد ملڪ جي گهر لاءِ قرارداد پاس ڪرائي ويئي هئي . اها قرارداد هاڻ پنهنجي اهميت ۽ افاديت وڃائي چُڪي آهي . بي حقيقت سياست جي اَڏوهي، ڄاڻايل قرارداد جي دستاويز کي کائي چٽ ڪري چڪي آهي . ڄاڻايل قرارداد جي آڌار تي جيڪي هن پرڳڻِي کي آئيني حق ملڻا هئا . تن جي ملڻ جي اميد بلڪل نه آهي .
ورلڊ بينڪ جي چوڻ تي من گھڙت سنڌ طاس معاهدو ٺاهي ، سنڌو تي ڊيمَ ۽ بئراجَ  اڏرائي، سنڌ جي سُڪر ۽ سڻائي ۽ سنڌ جي معاشي ترقي ۽ تمدن جي مٿان لت رکي، هن خطي جي آئيني ۽ قانوني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي .
هڪ عوام پاران چونڊيل ۽ معزز وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي  جي عزت ۽ حرمت کي بالاءِ طاق رکي. کيس آمريڪا جي اشاري تي ڦاهي ڏيئي، قومن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي ويئي . جمهوريت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ رڳو سنڌ جي آدم مٿان فوجي آپريشن ڪيو ويو . خواهه مخواهه هن پرڳڻي جي رهواسين کي ويڳاڻپ جو شڪار ڪيو ويو ۽ کين بدنام ڪري علحدگي  پسند ۽ صوبي پرستي جي تهمت لڳائي ويئي . هن پرڳڻي ۾ رولاڪ ۽ مذهبي هجرت جي نالي تي غير ملڪين کي  وسايو ۽ ورسايو ويو . سوويت ــــ افغان آمريڪي ويڙهه جي نتيجي ۾ لڏي آيل لکين رليلن جي لوڌ کي هت رهائي، سنڌ جي زرعي معيشت مان کين مفت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻايو ويو . غير قانوني ۽ هجرت ڪري آيلن جون نسلي ۽ لساني تحريڪون ۽ تنظيمون ٺاهي، کين پيسن ۽ هٿيارن جي مدد ڪئي ويئي . سنڌ جي سياسي وحدت ۽ جاگرافيڪل ڊيموگرافي کي هٿرادو هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . عسڪري فائونڊيشون قائم ڪري ، سنڌ ۾ قبضو ڪرايل زمينن تي عسڪري زرعي فارم ٺاهيا ويا . رٽائرڊ سرڪاري ۽ عسڪري آفيسرن کي خبر ناهي ڪهڙي سورهيائي ۾ زمينون الاٽ ڪيون ويون .هڪ لساني تنظيم کي پاڻ سان گڏ حڪومت ۾ شامل ڪري ، شهرن جي ترقي جي نالي ۾ ، جڙتو تعميراتي ڪمپنيون ٺاهي ، مال ڪمائڻ جي ترغيب ڏني ويئي ۽ سنڌ جو سڄو ناڻو ڪراچي تي خرچ ڪيو ويو . نالائق فوجي ڊڪٽيٽر مشرف پاران جوڙايل ضلعي ۽ شهري حڪومتن کي لاتعداد فنڊز جاري ڪيا ويا.
ويجهي ماضي جي ڳالهه آهي ته ، 1972ع ۾ سنڌين تي حملي ڪرڻ ، کين مارڻ ، سنڌ ۽ سنڌيت کان نفرت پئدا ڪرڻ  لاءِ  سنڌ ۾ مهاجر ــ پنجابي ــ پٺاڻ محاذ ٺاهي، لساني ويڙهه کي هٿي ڏني ويئي ۽ محترم ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ پئي ، سنڌين جي جان ڇڏائي .  ذوالفقار علي ڀٽي جي لفظن ۾ ته سنڌين کي گهڻي وقت تائين ريڊ انڊين وانگر سمجهيو ويو آهي . هن چيو هو ته اسان پنهنجون جانيون ڏنيون ، اسان پنهنجون زمينون ڏنيون ، پنهنجا گهر ڏنا ، انهي لاءِ ته اسان مهاجرن ڀائرن لاءِ وفاداري، عزت ، محبت ظاهر ڪري سگهون !
تازو وڏي سياسي مدبر، مولانا عبدالڪلام آزاد جو هڪ ٻيو انٽرويو ظاهر ٿيو آهي، جيڪو هن 1946ع ۾ ، آغا شورش ڪاشميري کي هفتيوار چٽان مخزن لاءِ ڏنو هو . مولانا آزاد  جنهن نموني ملڪن جي ورهاڱي ۽ ان کان پوءِ پئدا ٿيندڙ حالتن جون اڳ ڪٿيون ڪيون آهن ، سي سڀ اچي صحيح  ۽ سچ ثابت ٿيون آهن . مولانا عبدالڪلام آزاد  جي اڳڪٿين موجب ته؛
1.  اڻڄاڻ سياستدانَ فوجي آمريت لاءِ رستو هموار ڪندا ، جيئن ٻين مسلم رياست ۾ ٿيو آهي.
2.  ڳرا ٻاهريان مالياتي قرض چڙهندا.
3. ڀروارن سان ڪي چڱا تعلقات نه رهندا ۽ يقينن جنگي ڪشمڪش جاري رهندي.
4. اندروني بي چيني ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جاري رهندي.
5. ملڪ جي قومي دولت کي پوءِ ڍاوا  ۽ صنعتڪارَ  لٽيندا.
 6. طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو فائدو پوءِ ڍاون کي پوندو.
7. احساس محرومي ۽ ويڳاڻپ جي ڪري  نوجوان نسل مذهب ۽ پاڪستان جي نظرئي تان هٿ کڻي ويندو،
8. بين الاقوامي طاقتون سازشيون ڪري پاڪستان تي ڪنٽرول حاصل ڪنديون.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌو راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. اڻکُٽ مسئلا وڌي وڻ ٿي پيا آهن، جن جي حل ٿيڻ جي ڪابه صورت ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي . ماضي ۾ حسن . صداقت ۽ علم جا ترجمان سنڌ جا شهر ويراني  جو  ڏيک ڏيئي رهيا آهن . ماڻهن جي منهن تان سونهن ۽ مرڪ موڪلائي ويئي آهي . مشرق جي ملڪه ۽ ايشيا جو گيٽ وي ڪراچي تعصب جي نشاني تي چڙهيل آهي . ورهاڱي کان اڳ هن شهر جا روڊ صاف پاڻي سان ڌوپندا هئا سي اڄ انساني خون سان ڌوپي رهيا آهن . هيءُ شهر جهڙوڪر مانگر مڇ جو آستان ٿي پيو آهي . بي گناهه ماڻهن جي جسمن کي چيريو وڃي ٿو . اڀاڳن انسانن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ماريو وڃي ٿو . حالتن جو جبر ۽ قهر ڏسيو ،  شاهه لطيف جون چيل سٽون ياد اچو وڃن ٿيون.
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ ، گهڙي سو  نهي .
خبر ڪونَ ڏئي، ته رڇَ ڪُڄاڙي رنڊيا؟
سنڌ ۾ 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون به  فوجي آپريشن ڪيو هو . تنهن وقت به سنڌ سخت بحراني حالتن مان گذري رهي هئي، هتان جي محبت وطن ماڻهن، سنڌ کي اهڙين سخت بحراني حالتن کان بچايو هو . مايوسي جي ڪُن ۾ ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي مزاج  ۾ ٿيندڙ تبديلي ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ  جو مسئلو قومي ايڪتا جي ذريعي حل ٿي سگهي ٿو .سنڌ ايڪتا جي منتظر آهي . اها ايڪتا شاهه لطيف جي روحاني انقلابي فلسفي جي آڌار تي قائم ڪرڻ جي گھر آهي ۽ سڄاڻ جمهوري ملاح ئي خوني مانگر مڇ جهڙي ڍونگي سياست جو خاتمو ڪري سگهن ٿا .